اسلام آبادپاڪستان

بلاول جو آصفا سان ڊرون ٽڪرائجڻ تي آئي ايس آئي کان جاچ جو مطالبو

اسلام آباد: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري عوامي مارچ ۾ پنهنجي ڀيڻ آصفا ڀٽو سان ڊرون ٽڪرائجڻ جي واقعي تي آئي ايس آئي ۽ انٽيليجنس ادارن کان جاچ ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ڪالهه پارٽي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شاندار عوامي مارچ هو، اسان پاڪستان جي شهر مان گذرياسين .وڏي انگ ۾ عوام اسان جو شاندار استقبال ڪيو، جيڪو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته عوام هن غير جمهوري حڪومت جي خلاف عدم اعتماد جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي. ان موقعي تي بلاول چيو ته آصفا بي بي کي ڪئميرا ڊرون لڳڻ اسان سمجهون ٿا ته اسان جي لاءِ پيغام هو. آئي ايس آئي کي درخواست ڪندس ته هن معاملي جي جاچ ڪري. ٻين ايجنسين کي به درخواست ڪندس ته جاچ ڪن. هن معاملي تي اسان کي حڪومت تي اعتماد نه آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button