اسلام آبادپاڪستان

اليڪشن ڪميشن جو سنڌ صوبي ۾ مئي ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو اعلان

اسلام آباد :اليڪشن ڪميشن سنڌ صوبي ۾ مڪاني چونڊن جو اعلان ڪيو آهي ۽ صوبي ۾ مڪاني چونڊون مئي 2022 ۾ ڪرايون وينديون. ڪالهه اليڪشن ڪميشن جو اهم اجلاس چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن جا ميمبر، اليڪشن ڪميشن جو سيڪريٽري، سنڌ جو چيف سيڪريٽري، سنڌ جي لوڪل گورنمينٽ جو سيڪريٽري ۽ اليڪشن ڪميشن جي ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن کي تفصيل ٻڌائيندي چيو آهي ته سنڌ ۾ آخري تڪبندي 24 مارچ 2022 تي شايع ڪئي ويندي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن قلم (3) 2019 تحت سنڌ جي چيف سيڪريٽري کي گهرايو آهي ته جيئن سنڌ ۾ لوڪل گورنمينٽ چونڊن جي حوالي سان تاريخ مقرر ڪئي وڃي. چيف سيڪريٽري تجويز ڏني ته سنڌ ۾ اليڪشن ٻن مرحلن ۾ ڪرائي وڃي، جنهن کان پوءِ اليڪشن ڪميشن ۽ چيف سيڪريٽري جي صلاح مشوري کان پوءِ هي فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ ۾ پهرين مرحلي جون چونڊون مئي 2022 جي آخري هفتي ۾ ٿينديون. چيف اليڪشن ڪمشنر چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته پهرين مرحلي جي چونڊن جي حوالي سان ضلعن جو تفصيل فوري طور تي اليڪشن ڪميشن کي مهيا ڪيو وڃي ته جيئن اليڪشن ڪميشن مڪاني اليڪشن جي اهتمام لاءِ ضروري قدم کڻي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button