اسلام آبادپاڪستان

بي اعتمادي رٿ ناڪام ٿيڻ کانپوءِ سڀني جو حساب چڪتو ڪندس:وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مون اهڙو پلان ٺاهيو آهي، جيڪو اپوزيشن کي سمجهه ۾ ئي نه ايندو. گهٻرائڻ وارو ناهيان،
بي اعتمادي رٿ ناڪام ٿيڻ کان پوءِ سڀني جو حساب چڪتو ڪري ڇڏيندس. ڪالهه وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ پارٽي جي سينيئر اڳواڻن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ شاهه محمود قريشي، فرخ حبيب، اسد عمر، حماد اظهر، شفقت محمود سميت قانوني ٽيم به شريڪ ٿي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ بي اعتمادي رٿ کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪمت عملي تي غور ڪيو ويو، اتحادين سان ملاقاتن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. سينيئر اڳواڻن موجوده صورتحال کي منهن ڏيڻ جي تجويز ڏيندي چيو ته اسان پنهنجو هوم ورڪ مڪمل ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته مان اهڙو پلان تيار ڪيو آهي، جيڪو اپوزيشن کي سمجهه ۾ ئي نه ايندو، مان اڳ به ان مافيا جو مقابلو ڪيو ۽ هاڻ به ڪندس.هن چيو ته بي اعتمادي جي ناڪامي کانپوءِ سڀني جو حساب ڪندس، پنجاب ۾ پيدا ٿيندڙ حالتن کي قابو ڪنداسين، سمورا ميمبر مون سان گڏ آهن، پريشاني جي ڪا ڳالهه ناهي.عمران خان چيو آهي ته پهريان به هن مافيا جو مقابلو ڪيو هاڻي به ڪندس. اجلاس ۾ سينيئر اڳواڻن موجوده صورتحال کي منهن ڏيڻ جون تجويزون ڏنيون بي اعتمادي رٿ جي سمورن قانوني پاسن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ اتحادين سان ٿيندڙ ملاقاتن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي ۽ اتحادين پاران ڏياريل خاطري تي اطمينان جو اظهار به ڪيو ويو. اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته مان انهن هٿڪنڊن کان گهٻرائڻ وارو نه آهيان، پنجاب ۾ پيدا ٿيندڙ حالتن تي ضابطو آڻي وٺنداسين. وزيراعطم اجلاس ۾ اهو به چيو ته سمورا ميمبر منهنجو ساٿ ڏيندا پريشاني جي ڪائي ڳالهه نه آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته اپوزيشن جي ڦوڪڻي مان هوا نڪرڻ واري آهي. ذريعن اهو به ٻڌايو ته پرويز خٽڪ چيو ته اپوزيشن جا ڪيترائي ميمبر اسان سان ساٿ ڏيندا، اسان پنهنجو هوم ورڪ مڪمل ڪري ورتو آهي. اپوزيشن کي ڪجهه ڏينهن خوش ٿيڻ ڏيو، ان کي سرپرائز ڏينداسين. وفاقي حڪومت وزيراعظم عمران خان جي خلاف بي اعتمادي رٿ ٽيڪنيڪي بنياد تي ناڪام بنائڻ لاءِ حڪمت عملي تيار ڪري ورتي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button