پاڪستانسنڌ

چيلينجن جو مقابلو صرف تعليم سان ئي ممڪن آھي: امير علي شاهه

عمرڪوٽ: پ پ ايم پي اي سيد امير علي شاهه چيو آهي ته عمرڪوٽ ۾ اڄ جي جديد دور جي چيلينجن جو مقابلو صرف تعليم جي ھٿيار سان ئي ممڪن آھي. تعليم جي ذريعي معاشري مان جھالت جو خاتمو ممڪن آھي. پروفيسر تصدق حسين مرزا جي ريٽائرمنٽ تقريب ۾ شرڪت ڪري خوشي محسوس ٿي آهي، پروفيسر تصدق حسين مرزا جون خدمتون ناقابل فراموش آھن. اھڙن خيالن جو اظھار هن عمرڪوٽ ڊگري ڪاليج ۾ پروفيسر تصدق حسين مرزا جي ريٽائٔرمنٽ ۽ شاگردن جي نصابي توڙي غير نصابي سرگرمين ۾ بھترين پرفارمنس پيش ڪرڻ واري ايوارڊ ورھائٔڻ جي تقريب ۾ خاص مھمان طور خطاب ڪندي ڪيو.

تقريب ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر ڪاليجز ميرپورخاص پروفيسر فياض احمد، پروفيسر منظر حسين، پروفيسر ممتاز سومرو، پروفيسر تصدق حسين مرزا، پرنسپل عبدالرئوف سومرو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. سيد امير علي شاھ چيو ته پروفيسر تصدق مرزا جي خدمتون ناقابل فراموش آھن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button