لاڙڪاڻي جي نظر پاڙي جي رهواسي ڦلا وڪرو ڪندڙ پورهيت طرفان مهانگي اگھه تي مڪئي جو ٻج ملڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي پورهيت برڪت علي شيخ صحافين آڏو دانهيندي چيو ته مونکي 8 ٻارڙن جي اولاد آهي، جڏهن ته ٻارڙن سميت 10 گهرڀاتين جي پيٽ گذر ڪرڻ لاءِ ريڙهي تي ڦلا وڪرو ڪندو آهيان. هن الزام لڳائيندي چيو ته لاڙڪاڻي جي جيلس بازار مان واپاري زاهد ڪلهوڙو کان مڪئي جو ٻج خريد ڪندو آهيان، جيڪو گذريل 3 مهينن کان في ڪلو تي 70 روپيا اگهھ وڌيڪ وٺي ٿو، جڏهن ته ٻين شهرن ۾ اگھه گهٽ آهي، جيڪا وڏي ناانصافي آهي. هن اختيارين کي اپيل ڪئي ته مهانگي اگهھ تي مڪئي جو ٻج وڪرو ڪندڙ واپاري خلاف ڪارروائي ڪري مون سميت ٻين پورهيتن سان انصاف ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close