پاڪستانپنجاب

جلسا ملتوي ڪيا وڃن، ڪو مارجي ويو ته سڀ پڇتائيندا: چوڌري شجاعت

لاهور: ق ليگ سربراهه چوڌري شجاعت حسين قومي اسيمبلي ميمبرن جي خريد ۽ وڪري جو حڪومتي الزام رد ڪري ڇڏيو. پنهنجي بيان ۾ چوڌري شجاعت چيو ته اڄڪلهه ٽي وي ۽ اخبارن ۾ اچي رهيو آهي ته نوٽن جون ٻوريون کُلي ويون آهن، ايتري تائين جو وزيراعظم به اهو ذڪر ڪيو آهي. هن چيو ته هيءَ پهرين بي اعتمادي رٿ آهي، جنهن ۾ نه ڪو ووٽ خريد ڪري رهيو آهي ۽ نه ڪو کپائي رهيو آهي، اهو رڳو پروپئگنڊا آهي.اڳوڻي وزيراعظم اپيل ڪئي ته حڪومت ۽ اپوزيشن ٻئي پنهنجي جلسن پروگرام سان پروگرام ملتوي ڪن، انهن جلسن ۾ جيڪڏهن ڪو مري ويو يا مارايو ويو ته سڀ پڇتائيندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button