لاهور: مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز اسلام آباد ۾ سنڌ هائوس تي تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن جي حملي جي حوالي سان وزيراعظم عمران خان کي مخاطب ٿيندي چيو آهي ته “حڪومت ته بچائي نٿو سگهين، پر جيڪڏهن ڪا عزت بچي اٿئي ته اها بچائي نڪري وڃ.” سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته “اوهان چونڊيل حڪومت ناهيو جو مڙسي ڪري بيهي رهو، ان ڪري هاڻي غنڊه گردي جو ئي آپشن رهجي ويو آهي پر اهو به هميشه ئي ابتو ئي پوندو آهي.”
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close