پاڪستانسنڌ

ڇاڇرو ۾ مهينو اڳ پرڻيل عورت کوهه ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو

چيلهار: چيلهار ويجهو پرڻيل عورت کوهه ۾ ٽپو ڏئي انت آڻي ڇڏيو. رپورٽ موجب ڇاڇرو ٿاڻي جي حد ڳوٺ پير جو تڙ ۾ پاچو زال عارب ڀيل پنهنجي ڳوٺ جي ويجهي کوهه ۾ ٽپو ڏئي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو. پوليس سرزمين تي پهچي ڳوٺاڻن جي مدد سان لاش کوهه مان ڪڍي ضروري ڪارروائي لا اسپتال کڻائي وئي، جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. وارثن جو چوڻ آهي ته گهرو اڻبڻت سبب عورت انتهائي قدم کنيو، عورت جو مڙس مزدوري سانگي ڪراچي ويل آهي. ياد رهي ته عورت جي شادي هڪ مهينو اڳ ٿي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button