اسلام آباد :ناڻي واري وزير شوڪت ترين چيو آهي ته آئون لوٽو ناهيان، تحريڪ انصاف جو چونڊيل سينيٽر آهيان، ان لاءِ ڪنهن ٻئي حڪومت سان ڪم نه ڪندس. ناڻي واري وزير چيو ته ملڪ ۾ بي اعتمادي رٿ سبب غيريقيني واري صورتحال آهي، جيڪا ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ختم ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان جي ايڪسپورٽ 29 سيڪڙو وڌي وئي آهي. فيبروري ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 545 ملين ڊالر ٿي ويو آهي. جڏهن ته جاري کاتن جي خسارن ۾ به گهٽتائي اچي رهي آهي ۽ معاشي اشارا صحيح رستي ڏانهن هلي رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته مهانگائي ۾ 6 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي ۽ هاڻ ملڪ ۾ 36 مهينن دوران سڀني کان گهٽ مهانگائي آهي. عوام کي بجلي جي قيمتن ۾ 5 روپيا في يونٽ جو رليف ڏنو ويو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ ناڻي واري وزير چيو ته مان تحريڪ انصاف جو چونڊيل سينيٽر آهيان، لوٽو نه آهيان، تحريڪ انصاف جي حڪومت رهندي ته مان به رهندس. پر جيڪڏهن ٻي حڪومت آئي ۽ ان مون کي ناڻي وارو وزير رهڻ جو چيو ته مان ان عهدي تي نه رهندس. شوڪت ترين چيو ته آءِ ايم ايف بجلي ۽ پيٽروليم ليوي ۾ تبديلي جو پڇيو آهي جنهن تي اسان کين ٻڌايو آهي ته اسان ڪٿان کان پئسو ايڊجسٽ ڪيون. آءِ ايم ايف مڃي ويو آهي. اسان بيلنس ڪري پئسا ڏنا آهن. آءِ ايم ايف چاهي ٿو ته ان کي معاهدو ڏيکاريو وڃي. آءِ ايم ايف نمائندن سان اڱاري تي ملاقات طئي آهي. ناڻي واري وزير وڌيڪ چيو ته گڏيل قومن کي هر سال بيپينس جو انڊيڪس جاري ڪرڻو هوندو آهي. سال 2019ع ۾ پاڪستان 75هين نمبر تي هو، هاڻ بيپينس انڊيڪس 67 نمبر تي اچي ويو آهي. جڏهن ته ڀارت بيپينس انڊيڪس ۾ 133 کان 139 نمبر تي اچي ويو آهي جنهن مان ثابت ٿيو آهي ته پاڪستان جي عوام ڀارت کان وڌيڪ خوش آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close