
گولاڙچي: گولاڙچي لڳ حافظ حفيظ الله پئٽرول پمپ ڀرسان کير وٺڻ دوران رستو پار ڪندي 45 ورهين جي اربابزادي ڪار جو ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ موقعي تي ئي فوت ٿي وئي. جڏهن ته ڪار ڊرائيور ڪار سميت فرار ٿي ويو، لاش کي اسپتال آندو ويو، جتي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.