اسلام آبادپاڪستان

اهڙو پاڪستان جوڙينداسين جتي ادارا پارليامينٽ جي ماتحت هوندا:اپوزيشن جو چارٽر

اسلام آباد :پاڪستان ڏهاڙي تي گڏيل اپوزيشن”قوت اخوت عوام چارٽر” جاري ڪري ڇڏيو آهي. اپوزيشن چيو آهي ته بي اعتمادي رٿ ڪامياب بڻائي اهڙو پاڪستان جوڙينداسين جتي آئين جي حرمت، تقدس هجي، سمورا ادارا هڪ چونڊيل انتظاميا ۽ پارليامينٽ جي ماتحت هوندا. عوام کي اهو اختيار مليل هوندو ته هو پنهنجي آزاداڻي حق راءِ ڏيڻ جي ذريعي انهن کي چونڊي ۽ روانو ڪري سگھي. هڪ آزاد عدليا هوندي جيڪا بنا ڪنهن دٻا جي فيصلا ڪري سگهندي. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته آزاداڻي چونڊن کي يقيني بڻائڻ لاءِ اتفاق راءِ سان چونڊ سڌارن کي لاڳو ڪيو ويندو، سياست مان هر قسم جي غيرجمهوري مداخلت ختم ڪنداسين. ميڊيا تي مڙهيل سموريون پابنديون ختم ڪيون وينديون ۽ ڪاري ميڊيا قانون کي ختم ۽ غيرجمهوري مداخلت جو نظام بند ڪرايو ويندو. گڏيل اپوزيشن خاطري ڪرائي ته گم ٿيل سمورن ماڻهن جي بازيابي لاءِ جوڳا اپاءَ ورتا ويندا. شفاف احتساب لاءِ اڻڌريا ادارا قائم ڪري ڪرپشن جو ازالو ڪيو ويندو. آزاد پرڏيهي پاليسي ذريعي هڪ عزتدار ۽ خودمختيار رياست طور تي عالمي سطح تي پاڪستان کي مڃايو ويندو. ميڊيا جي اظهار جي آزادي جي حق جو تحفظ ڪيو ويندو، سمورا چونڊيل نمائندا ۽ ادارا عوام اڳيان جوابدا هوندا. پڌرنامي موجب 2018 ۾ بدترين ڌانڌلي ذريعي هڪ اهڙي حڪومت آندي ويندي، جنهن جي نااهل قيادت ملڪي ترقي چڪناچور ڪري ڇڏي. جمهوري ادارن کي ملڪي، صوبائي ۽ مقامي سطح تي مضبوط ڪيو ويندو. آئين جي اسلامي شقن، 18 هين ترميم ۽ شهرين جي بنيادي حقن جو تحفظ ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button