اسلام آبادپاڪستان

حڪومت ڌمڪي واري خط ۾ نوازشريف کي ملوث قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد : وفاقي حڪومت ڌمڪي واري خط ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي ملوث قرار ڏئي ڇڏيو آهي. وفاقي وزيرن جو چوڻ آهي ته
جيڪڏهن ضرورت آهي ته وزيراعظم اهو خط چيف جسٽس کي ڏيکارڻ لاءِ تيار آهي. ان سلسلي ۾ ڪالهه اسلام آباد ۾ وفاقي وزيرن فواد چوڌري ۽ اسد عمر گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي. اسد عمر چيو ته اهو خط بي اعتمادي اچڻ کان اڳ جو آهي. جيڪڏهن ضرورت آهي ته وزيراعظم هو خط چيف جسٽس کي ڏيکارڻ لاءِ تيار آهي. اڃا اهو خط سول ملٽري قيادت تائين محدود آهي ۽ ڪابينا ۾ به هر ڪنهن کي ان خط جو علم ناهي. هن چيو ته ان خط ۾ سڌي ريت نواز شريف ملوث آهي، خط ۾ سڌي ريت بي اعتمادي جو ذڪر آهي. خط ۾ سڌي ريت پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو ذڪر ٿيو، واضح لکيل آهي ته بي اعتمادي جي رٿ ناڪام ٿي ته نتيجا خطرناڪ هوندا، تنهن ڪري ٻاهريون هٿ ۽ بي اعتمادي جي رٿ پاڻ ۾ مليل آهن. سندس چوڻ هو ته نواز شريف ڪنهن ڪنهن سان ملندو رهيو، وزيراعظم جڏهن چاهيندو ان جا تفصيل ٻڌائيندو. جڏهن ته پي ڊي ايم جي سينيئر ليڊر شپ به ڄاڻي ٿي، ايم اين ايز جو وڏو انگ نٿو ڄاڻي ته بي اعتمادي پويان ڪهڙا عنصر آهن. حقيقتون سامهون اچڻ کانپوءِ سڀني جماعتن جا اسيمبلي ميمبر ان بابت سوچيندا. ان موقعي تي فواد چوڌري چيو ته اهو خط چيف جسٽس کي ڏيکارڻ جي ڳالهه ٿي آهي، اڃا ڏيکاريو ناهي ويو. چيف جسٽس کي جڊيشل ڪميشن لاءِ نه پيا ڏيکاريون پر هو ملڪ جو وڏو آهي، ان ڪري کيس ڏيکارڻ جي ڳالهه ٿي آهي. وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي حياتي کي خطرو آهي، کيس جيڪو ڌمڪي وارو خط اماڻيو ويو آهي، ان جو مُک ڪردار نوازشريف آهي. ڪنهن کي شڪ آهي ته وزيراعظم اهو خط چيف جسٽس کي ڏيکارڻ جي لاءِ تيار آهي. هن خط ۾ سڌو سنئون بي اعتمادي رٿ جو ذڪر آهي، هن خط کي ڏسي چڪو آهيان اهو حقيقت ۾ موجود آهي. هن چيو ته خط ۾ ٻن لفظن ۾ لکيل آهي ته جيڪڏهن بي اعتمادي رٿ ڪامياب نه ٿي، ان جا خوفناڪ نتيجا نڪري سگهن ٿا. ڪجهه قانوني بندشون آهن ان لاءِ هي خط صرف اعليٰ فوجي قيادت کي ڏيکاريو ويو ۽ وفاقي ڪابينا جي به ڪجهه اهم وزيرن کي ان جي خبر آهي. خط ۾ سڌو سنئون پرڏيهي پاليسي جو ذڪر آهي. بي اعتمادي رٿ ۽ ٻاهريون طاقتون پاڻ ۾ مليل آهن. اسد عمر چيو ته پي ڊي ايم جي سينئر اڳواڻن کي به خبر آهي هو چوندا رهيا آهن ته سمورا معاملا طئي ٿي ويا آهن. ڇو ته انهن کي خبر آهي ته خط ۾ ڇا لکيل آهي. وزيراعظم کي عوام چونڊيو آهي. ان لاءِ اسان چاهيون ٿا ته خط بابت عوام کي هڪ حد تائين ٻڌايو وڃي ڇو ته خط هڪ قومي راز آهي ۽ ان خط جو تعلق سڌو سنئون اسان جي پرڏيهي پاليسي سان آهي.اسد عمر چيو ته خط ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان وزيراعظم نه رهي ته بهتر آهي. قومي اسيمبلي جا ميمبر چاهي ناراض ٿين يا نه ٿين، ڪنهن کي به اها خبر ناهي ته هن تحريڪ جي پٺيان ڪهڙا ماڻهو ملوث آهن. هي پاڻ به نه چاهيندا ته ڄاڻي واڻي ڪنهن اهڙي شيءَ جو حصو بڻجون جنهن سان ملڪ ۽ قوم جي بدنامي ٿئي. هينئر تائين هنن کي خبر نه هئي پر هاڻ سموري صورتحال سامهون اچي چڪي آهي ته اها راند ڪهڙي طرح سان تيار ڪئي وئي هئي ته ڇا اوهان اڃا به ان جو حصو بڻجڻ چاهيندو. هن چيو ته هن خط جو مُک ڪردار نوازشريف آهي ڇو ته هو ٻاهر ويٺل آهي ۽ ڪهڙين ڪهڙين پرڏيهي ايجنسين سان هن جون ملاقاتون ٿيون آهن ان جي باري ۾ به سڀ خبر آهي. فواد چوڌري چيو ته مان اڳ ئي چيو هو ته نوازشريف کي ٻاهر وڃڻ نه ڏيو، اهڙا ماڻهو ٻاهر وڃي عالمي اسٽيبلشمينٽ جي هٿ چڙهي ويندا آهن. خط جي ذريعي آگاهه ڪيو ويو آهي ته اوهان جي سياست اوهان کي ڪٿي کڻي ويندي.واضح رهي ته اسلام آباد ۾ جلسي سان خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو هو ته ملڪ ۾ ٻاهرئين پئسي جي مدد سان حڪومت تبديل ڪرڻ جي ڪوشش پئي ٿئي، اسان کي خط لکي ڌمڪي ڏني وئي، مون کي ثبوت آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button