پاڪستانسنڌ

سونهري فارم ڀرسان ٻڏي ويل نوجوان جو لاش 30 ڪلاڪن بعد هٿ

سونهري فارم/منهڙو: سونهري فارم ڀرسان روهڙي ڪينال ۾ ٻڏي ويل ڳوٺ مبارڪ ٻرڙو واسي نوجوان ڪليم الله ٻرڙو جو لاش 30 ڪلاڪن جي ڳولا بعد سکر کان آيل ريسڪيو ٽيم روهڙي ڪئنال جي يوسف ڏاهري موري وٽان هٿ ڪري ورتو، جنهن جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. جڏهن ته نوجوان کي سوين آلين اکين سان مٽي ما حوالي ڪيو ويو. ياد رهي ته ٻه ڏينهن اڳ تيز رفتار ڪار روهڙي ڪينال ۾ ڪري پئي هئي، جنهن ۾ سوار چار ڄڻا ٻڏي ويا هئا، جنهن مان وسيم رحماني ۽ طلعه رحماني کي زخمي حالت ۾ ڪينال مان ٻاهر ڪڍيو ويو هو، جڏهن ته هئا جڏهن ته شاھه رخ رحماني جو لاش 10 ڪلاڪن بعد مقامي ٽوٻن پاڻي مان هٿ ڪيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button