اسلام آبادپاڪستانسنڌ

متحدا کي ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ايڊمسنٽريٽرشپ،ڪوٽا تحت نوڪريون ملنديون

اسلام آباد:متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ ٿيل معاهدن جا تفيصل سامهون اچي ويا آهن. ٻنهي پارٽين وچ ۾ ٿيل معاهدن جي متن موجب پيپلز پارٽي لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ ۾ ترميمن تي سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ڪندي. سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب ايڪٽ ۾ ترميمون 30 ڏينهن ۾ سنڌ اسيمبلي مان منظور ڪرايون وينديون. معاهدي تحت ايم ڪيو ايم جي سفارش تي ڪنهن به سياسي ماڻهو کي ايم ڪيو ايم جو ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو ويندو. مقامي حڪومتن جي لاءِ فنڊن جي ورهاست اين ايف سي ايوارڊ 2010 جي فارمولي تحت ٿيندي. معاهدي ۾ طئي ٿيو آهي ته ميونسپل ڪارپوريشن لاءِ ايم ڪيو ايم 3 سرڪاري آفيسرن جا نالا سنڌ حڪومت کي اماڻيندي. سنڌ حڪومت اماڻيل 3 نالن مان ڪنهن هڪ کي حيدرآباد جو ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪندي. پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان وچ ۾ ٿيل معاهدي تحت ڪراچي جو ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب هڪ ٻن ڏينهن ۾ استعيفيٰ ڏيندو. شهري ۽ ٻهراڙي سنڌ جي نوڪرين لا ڪوٽا 40-60 تي عملدرآمد ڪيو ويندو ۽ جعلي ڊوميسائل واري مسئلي تي هر ضلعي ۾ مشاورت سان جاچ ڪميشن جوڙي حل ڪڍيو ويندو. من گهڙت ۽ ڪوڙا ڪيس ختم يا قانون موجب واپس ورتا ويندا. گڏيل ڪميٽي ذريعي جائزو وٺي هڪ سال اندر ترقياتي پئڪيج ڏنو ويندو. ذريعن موجب مرتضيٰ وهاب پارٽي جي اعليٰ قيادت جي هدايتن تي ايڊمنسٽريٽر ڪراچي جو عهدو ڇڏي رهيو آهي، هو هڪ ٻن ڏينهن ۾ ايڊمنسٽريٽر ڪراچي جي عهدي تان استعيفيٰ ڏيندو. مقامي حڪومتون نيون حدبنديون گڏيل مشاورت ۽ معاهدي تحت مقرر ڪنديون.معاهدي جي متن تحت چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ جي مقرري قانون موجب گڏيل مشاورت ۽ معاهدي تحت ڪئي ويندي. سنڌ ۾ آفيسرن جون بدليون ۽ مقرريون گڏيل مشاورت سان ڪيون وينديون. پيپلز پارٽي صوبائي حڪومت لاءِ به ايم ڪيو ايم سان مشاورت ۽ لکت وارو معاهدو ڪندي. معاهدي تحت ايم ڪيو ايم ڪي ايم سي جي ميونسپل ڪمشنر جي لاءِ به 3 نالا سنڌ حڪومت کي اماڻيندي. ايم ڪيو ايم جي موڪليل نالن مان ڪنهن هڪ آفيسر کي ميونسپل ڪمشنر مقرر ڪيو ويندو. ايڊمنسٽريٽر ڊي ايم سي سينٽرل، ڪورنگي ۽ ايسٽ جي لاءِ به ايم ڪيو ايم 3،3 نالا اماڻيندي. سنڌ حڪومت موڪليل فهرست مان آفيسرن کي ايڊمنسٽريٽر ڊي ايم سيز مقرر ڪندي. معاهدي موجب ٻئي پارٽيون هڪٻئي جي مينڊيٽ جو احترام ڪنديون. ايم ڪيو ايم کي شهري علائقن جي نمائنده جماعت ۽ اسٽيڪ هولڊر طور تسليم ڪيو ويندو، شهري علائقن سان لاڳاپيل اهم سياسي، انتظامي ۽ معاشي فيصلن ۾ ايم ڪيو ايم سان مشاورت ڪئي ويندي. آدمشماري تي ايم ڪيو ايم سميت سمورن اسٽيڪ هولڊرز جا خدشا ٻڌا ويندا، ٻئي پارٽيون مقامي حڪومتن سان لاڳاپيل آئين ۾ ترميم جي ڪوشش ڪنديون. ڪوشش ڪئي ويندي ته آئين ۾ مقامي حڪومتون وفاق جو ٽيون درجو هجن. ان کانسواءِ سرڪاري ڀرتين ۾ ڪوٽا تي عمل درآمد جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪميٽي جوڙي ويندي. ڪميٽي ۾ ٻنهي پارٽين جي برابر نمائندگي ٿيندي، اسٽريٽ ڪرائيم ۽ لاقانونيت کي منهن ڏيڻ لاءِ لوڪل پوليسنگ متعارف ڪرائي ويندي. معاهدي جي متن موجب ٻئي پارٽيون ڪراچي ۾ نوان ڳوٺ قائم ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ تي راضي آهن. حيدرآباد ۾ يونيورسٽي قائم ڪرڻ لاءِ سهولتون فراهم ڪيون وينديون. مهاجرن جي زمينن تي قبضن جو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ ڪميشن قائم ڪئي ويندي. ڪراچي ۾ پبلڪ سيڪٽر وومين يونيورسٽي جوڙي ويندي. معاهدي تي بلاول ڀٽو ۽ خالد مقبول صديقي صحيحون ڪيون آهن. معاهدي تي ضامن طور شهباز شريف، مولانا فضل الرحمان، اختر مينگل ۽ خالد مگسي جي صحيح به موجود آهي. معاهدي کي “سنڌ جي عوام جي حقن جو چارٽر” جو نالو ڏنو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button