پاڪستانسنڌ

عمرڪوٽ ۾ ناليواري استاد سترام داس کي ڀيٽا پيش

عمرڪوٽ: ضلعي عمرڪوٽ جي گورنمينٽ ھاءِ اسڪول فقير قادر بخش مڱريو ۾ تعليمدان نامياري استاد سترام داس بارٿاڻي جي 38 سالن جي تعليمي خدمتن عيوض مڃتا ايوارڊ ڏنو ويو. تقريب جي صدارت پير پاڳاري جي چيف خليفي فقير قادر بخش مڱريو ڪئي. جڏھن ته مھمانِ خاص ضلعي عمرڪوٽ جو ڊي اي او سيڪنڊري بلاول احمد ڪنڀر ھو. صدارتي خطاب ڪندي فقير قادر بخش مڱريو چيو ته تعليمي ادارا استادن جي محنتن سان ئي ھلن ٿا، استادن کي گھرجي ته اهي شاگردن جي ھمٿ افزائي ڪن. وڌيڪ چيو تہ اسان جي مرشد پير سائين پاڳارا جو فرمان آھي تہ ” پنھنجن نياڻن کي تعليم ڏياريو. ان موقعي تي مھمانِ خاص ضلعي عمرڪوٽ جو ڊي اي او بلاول احمد ڪنڀر چيو ته جس ھجي انھن ماڻھن کي جيڪي پنھنجن اسڪولن جي مالڪي ڪن ٿا. ماھر تعليم پونجراج ڪيسراڻي چيو تہ سترام داس بارٿاڻي استادي پيشي جي چُونڊ ڪري خوب نڀايو آهي. تقريب کي مولوي عبدالڪريم نھڙي، فقير ابوبڪر مڱريو، محمد امين سومرو، يوسف سومرو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. جڏهن ته اديب ۽ محقق مُڪيش بارٿاڻي ڪارروائي هلائي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button