پاڪستانسنڌ

پاڪستان کي برابري واري نظام تحت هلائي سگهجي ٿو: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد: قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر اياز لطيف پليجي چيو آھي ته پاڪستان کي برابري واري جمهوري نظام تحت هلائي سگهجي ٿو. اڪثريت جو جواز ڄاڻائي ننڍن صوبن جا وسيلا ھڙپ ڪيا ويا آھن، سنڌ جي پاڻي، زمين، سمنڊ، بندرگاھه، ساحلي پٽي، پيٽرول، ڪوئلي ۽ ٻين وسيلن تي قبضا ٿيل آھن، 1940ع جي قراداد تي عمل ڪري ملڪ کي قائداعظم محمد علي جناح جي تصور وارو برابري وارو جمهوري ۽ سيڪيولر پاڪستان بنايو وڃي.

اياز لطيف پليجي چيو ته صوبن کي 1940 جي قرارداد تحت مڪمل خودمختياري ڏني وڃي. آئين ۽ قانون تي عمل نه ڪرڻ سبب ملڪ ۾ سدائين بحران واريون حالتون رهن ٿيون. ڪرپشن ۽ اقرباپروري جي ڪري ملڪ ترقي نٿو ڪري. معاشي ۽ سياسي بحرانن سبب عوام بدحالي جو شڪار آهي. صوبا ۽ ملڪ ترقي بدران پوئتي وڃي رهيا آهن. اياز لطيف پليجي چيو ته عوام جي وسيلن تي حڪمران طاقتن، آمرن، جابرن، پرڏيهي دهشتگردن ۽ عالمي طاقتن جي ايجنٽن جو قبضو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button