اسلام ڪوٽ: اسلام ڪوٽ ڀرسان ڪارنهن الزام هيٺ همراهه کي ڪهاڙيون هڻي قتل ڪيو ويو. پوليس جوابدار کي پڪڙي ڪهاڙي هٿ ڪري ورتي. تفصيل موجب اسلام ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ سونل ٻھ ۾ گذريل رات دير سان جوابدار ساجن ميگهواڙ ڪارنهن الزام هيٺ مبينا ڪهاڙين جا وار ڪري 54 ورهين جي امولک ولد ميوو ميگهواڙ کي گهر جي گهٽي ٻاهران قتل ڪري ڇڏيو، صبح جو سوير گهٽي ۾ مقتول جو لاش پيل ڏسي وارثن پوليس کي اطلاع ڪيو، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي تحويل ۾ وٺڻ بعد پيرو کڻي جوابدار ساجن ميگهواڙ کي گرفتار ڪري ورتو. مقتول جو لاش اسپتال آندو ويو. ان سلسلي ۾ پوليس موجب گرفتار جوابدار وٽان واردات ۾ استعمال ٿيل ڪهاڙي هٿ ڪئي وئي آهي. جوابدار ڏوهھ جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته مقتول امولک جا سندس ڀاڄائي سان ناجائز واسطا هئا، اسان ڪافي ڀيرا هن کي منع به ڪئي، پر هو نه مڙيو. گذريل رات به هو گهر اندر گهڙيو، سجاڳ ٿيڻ تي هو ڀڄي ٻاهر نڪري ويو، جتي ڪهاڙي لڳڻ سبب هو ڪري پيو ۽ فوت ٿي ويو. ٻئي پاسي پوليس مقتول جي پٽ اشوڪ جي فرياد تي جوابدار ساجن خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. پوليس موجب فريادي ڪيس ۾ ڄاڻايو آهي ته اسان جو مخالف ڌر سان ڪافي وقت کان گهريلو تڪرار هلندڙ آهي، جوابدار منهنجي پي کي بيگناهھ قتل ڪيو آهي، پي ٻي ڳوٺ دعوت تي ويل هو، جتان رات جو دير سان واپس اچي رهيو هو ته جوابدار پيڇو ڪري ڪهاڙين جا وار ڪري کيس قتل ڪيو. هوڏانهن پوليس موجب مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن جي حوالي ڪيو ويو آهي. علائقي ۾ چوٻول آهن ته مقتول ۽ جوابدار ڌر ۾ تڪرار هلندڙ هو. ڪجھه عرصو اڳ به جوابدار ڌر مقتول جي تذليل ڪئي هئي، جنهن جو ڪيس به داخل ٿيو هو ۽ جوابدار گرفتار به ٿيا هئا. جوابدارن پلاند طور مقتول تي ڪارنهن الزام هڻي کيس قتل ڪيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close