مٺي: پ پ ضلعي ٿرپارڪر پاران پ پ جي باني قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 43 هين ورسي تقريب ضلعي صدر انجنيئر گيانچند جي صدارت هيٺ ٿاهراڻي هائوس مٺي تي ڪوٺائي وئي، ان موقعي افطار ڊنر جو پڻ بندوبست ڪيو ويو. ورسي تقريب کي خطاب ڪندي انجنيئر گيانچند، فقير شير محمد بلالاڻي، ڪامريڊ نندلال مالهي، منوج ملاڻي ۽ محمد خان لنڊ چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو نه رڳو پاڪستان پر هن خطي ۽ دنيا جو عظيم ليڊر هو، جنهن کي اڄ 43 سال گذرڻ باوجود سموري دنيا ياد ڪري رهي آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي مختصر دور ۾ پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي جا جيڪا بنياد رکيا، انهن تي اڄ تائين پاڪستان هلي رهيو آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي عوامي مقبوليت کان عالمي قوتون خوفزده هيون، ان ڪري هڪ وڏي عالمي سازش ذريعي کيس عدالتي قتل ڪيو ويو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close