پاڪستانسنڌ

سنڌ ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڊينگي جا وڌيڪ 28 ڪيس رپورٽ

ڪراچي: سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڊينگي جا 28 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

صحت کاتي پهرين کان 30 سيپٽمبر تائين ڊينگي جي ڪيسن جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا، هڪ مهيني دوران صوبي ۾ گڏيل طور تي 536 ڊينگي جا ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن.

صحت کاتي جي رپورٽ موجب سڄي صوبي ۾ وڌيڪ 28 ڪيس رپورٽ ٿيا، ڪراچي جي مختلف علائقن مان ڊينگي جا 11 ڪيس رپورٽ ٿيا.

مٽياري ۾ 4 ڪيس، حيدرآباد ۾ 1، ٿرپارڪر ۾ 1 ڪيس سامهون آيو، جڏهن ته ڪشمور، گھوٽڪي، سکر ۽ خيرپور ۾ ڊينگي جو ڪو به ڪيس رپورٽ نه ٿيو.

واضح رهي ته پنجاب ۾ به ڊينگي جي مريضن جي انگ ۾ واڌ ٿي رهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button