ٽنڊوالهيار: ٽنڊوالهيار لڳ جيلاني فارم وٽ تيز رفتار ڪار روڊ تي بيٺل عورت ۽ ٻارن کي چيڀاٽي ڇڏيو، نتيجي ۾ ڳوٺ ڏتو ڪالرو جي رهواسڻ ٽن ٻارن جي ما 35 ورهين جي چندران زال بيرچند ميگهواڙ موقعي تي فوت ٿي وئي، جڏهن ته ساڻس گڏ ٽي ٻار 7 ورهين جي ريا، 3 سالن جي جيا ۽ ڏيڍ سالن جي منيشا سخت زخمي ٿي پيون، جن کي علائقي واسين سلطان آباد پوليس جي مدد سان ٽنڊوالهيار جي سول اسپتال آندو، جتان فوتڻ چندرا جو لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪو گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. پوليس موجب ڪار ڊرائيور کان ڪنٽرول مان نڪري وڃڻ سبب حادثو پيش آيو، ڪار سوار ٽي ڄڻا ڇاڇري جا رهواسي ٻڌايا وڃن پيا، جيڪي پڻ معمولي زخمي ٿيا آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close