پاڪستانسنڌ

رڪن ٻرڙا ۾ ڪنڌڪوٽ واسي قتل، زال ۽ سهري تي قتل ڪيس

سنجهورو: رڪن ٻرڙا ۾ ڪنڌڪوٽ جي رهواسي کي قتل ڪيو ويو، سندس زال ۽ سهري تي قتل ڪيس داخل ڪيو ويو. رپورٽ موجب سنجهوري ويجهو رڪن ٻرڙا ۾ ڪجھه عرصي کان زرعي زمين مقاطعي تي وٺي آباد ڪندڙ ڪنڌڪوٽ جو رهواسي 50 ورهين جو اربيلو جکراڻي ولد شاهھ دوست رات دير سان گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو، جنهن جو اطلاع سنجهورو پوليس کي ڏنو ويو، اطلاع تي پوليس پهچي زخمين کي کڻائي تعلقي اسپتال آندو، جتي هو علاج دوران فوت ٿي ويو، لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. ٻئي پاسي همراهه جي ڀا سالڪ محمد جي فرياد تي مقتول جي گهرواري گل بي بي ۽ سهري داد محمد رند سميت هڪ اڻڄاتل تي قتل ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ايف آئي آر ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته مقتول اربيلي جکراڻي جي پنهنجي گهرواري گل بي بي سان ڪنهن گهرو معاملي تان اڻبڻت ٿي پئي، جنهن تان هو ڪاوڙجي پنهنجي والد جي گهر وئي ۽ رات دير سان واپس پنهنجي گهر اچي کٽ تي ستل مڙس اربيلي جکراڻي جي مٿي ۾ پسٽل جو فائر ڪيو، جنهن سبب اربيلو فوت ٿي ويو. هوڏانهن مقتول جي ما مهناز جکراڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آئون پنهنجي پٽ جي ڀرواري کٽ تي ستل هيس ۽ رات دير سان ننهن ننڊ ۾ ستل منهنجي پٽ کي مٿي ۾ پسٽل جو فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button