پاڪستانسنڌ

سپريم ڪوٽ جو فيصلو آئين ۽ قانون جي فتح آهي:قادر مگسي

حيدرآباد: سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته ملڪ جي وڏي عدالت پاران ڏنل فيصلو ڪنهن ڌر يا پارٽي جي فتح نه پر ملڪ جي آئين ۽ قانون جي فتح آهي، جنهن سان ملڪ ۾ عدالتي نظام تي عوام جو ويساهه پختو ٿيندو ۽ ان جا مستقبل ۾ سٺا اثر پوندا. ملڪ اندر جمهوري نظام کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته غير آئيني ۽ غيرقانوني قدم کڻڻ وارن خلاف قانوني ڪارروايون به ٿيڻ گهرجن. ايس ٽي پي سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي آجيان ڪري ٿي ۽ ان سان گڏ اهو به واضع ڪري ٿي ته اقتدار جي حصول جي لاءِ پ پ، نواز ليگ ۽ ايم ڪيو ايم جي وچ ۾ جيڪي معاهدا ٿيا آهن، اهي مڪمل طور نسلي ۽ لساني بنيادن تي اختيارن ۽ حقن جي ورڇ تي ٻڌل آهن، اهي نه صرف ملڪ جي قانون ۽ آئين جي خلاف آهن، پر سنڌ جي خلاف سازش آهن. جاري ڪيل بيان ۾ هن وڌيڪ چيو ته ايم ڪيو ايم سمجھي ٿي اھا زرداري ۽ نواز ليگ سان معاھدو ڪري سنڌ کي ٽڪرن ۾ ورھائي ويندي ته اھا سندن ڀل آھي. ايس ٽي پي ھن معاھدي خلاف سڄي سنڌ ۾ ڀرپور احتجاج ڪندي ۽ سنڌ سمورن سنڌ دوست قومپرست ۽ محب وطن ڌرين کي گڏ ڪري سنڌ خلاف ٿيندڙ سمورين سازشن کي ناڪام ڪندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button