اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

پيٽروليم شين جون قيمتون 35 رپيا في لٽر تائين وڌائڻ جي سفارش

اسلام آباد :پيٽروليم ڊويزن ملڪ ۾ پيٽروليم شين جون قيمتون 35 روپيا في لٽر تائين وڌائڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي. پيٽروليم ڊويزن پيٽروليم شين جي کوٽ کي نظر ۾ رکندي هنگامي بنيادن تي سمري ڪابينا کي اماڻي ڇڏي آهي، جنهن ۾ پيٽرول فوري طور تي 27 روپيا ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل 35 روپيا في لٽر تائين مهانگو ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. سمري ۾ آگاهه ڪيو ويو آهي ته قيمتون برقرار رکڻ سان 30 جون تائين تقريبن 200 ارب روپين کان وڌيڪ جو بار حڪومت کي برداشت ڪرڻو پوندو. واضح رهي ته وزيراعظم عمران خان مالي سال ۾ وڌيڪ قيمتون نه وڌائڻ جو اعلان ڪيو هو. سمري جي متن موجب پهرين مارچ کان 31 مارچ تائين قيمتون برقرار رکي 11 ارب 73 ڪروڙ روپين جي سبسڊي ڏني وئي. جڏهن ته توانائي واري وزارت اپريل جي لاءِ آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين کي سبسڊي جي مد ۾ 55 ارب روپين جي سمري اي سي سي ڏانهن اماڻي. پر اي سي سي اپريل جي لاءِ آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين کي سبسڊي جي باضابطا طور منظوري ناهي ڏني. سمري ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي گهرج وڌي رهي آهي.ادائيگيون نه ٿيڻ سبب سپلاءِ متاثر ٿي سگهي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button