اسلام آبادپاڪستان

قومي اسيمبلي جو اڄ هنگامي اجلاس،عدم اعتماد تي ووٽنگ ٿيندي

اسلام آباد : سپريم ڪورٽ جي گذريل ڏهاڙي واري تاريخي فيصلي کانپوءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ ٿيندو. وزيراعظم عمران خان خلاف عدم اعتماد واري رٿ تي ووٽنگ ٿيندي. سپريم ڪورٽ جي گذريل ڏينهن واري فيصلي جي ڪاپي قومي اسيمبلي سيڪرٽريٽ کي ملي وئي آهي، جنهن کانپوءِ اسيمبلي جو اجلاس اڄ ساڍي ڏهين وڳي طلب ڪيو ويو آهي.ان سلسلي ۾ قومي اسيمبلي اجلاس جو 6 نڪاتي ايجنڊا جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ بي اعتمادي رٿ وارو ٺهراءُ چوٿين نمبر تي آهي. جڏهن ته ڌيان ڇڪايو نوٽيس ۽ سوالن جي وقفي وارو نقطو به شامل آهي. گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي 3 اپريل واري فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيندي قومي اسيبلي کي پراڻي حالت ۾ بحال ڪرڻ ۽ بي اعتمادي رٿ لاءِ ٻيهر اجلاس گهرائڻ جو حڪم ڏنو هو.سپريم ڪورٽ جي گذريل ڏينهن جي فيصلي کان پوءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس ڇنڇر 9 اپريل جي صبح ساڍي 10 وڳي گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن ٻڌايو آهي ته سپريم ڪورٽ جي گذريل ڏينهن واري فيصلي جي ڪاپي قومي اسيمبلي جي سيڪريٽري کي ملي وئي آهي. قومي اسيمبلي جو ڌار اجلاس نه گهرايو ويندو. هلندڙ شيڊول موجب ڇنڇر تي قومي اسيمبلي جو اجلاس ٿيندو. ٻئي طرف وزيراعظم عمران خان جي سربراهي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وزيراعظم اپوزيشن جو ڀرپور مقابلو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ ڪل 98 قومي اسيمبلي ميمبرن شرڪت ڪئي. ذريعن موجب پارلياماني پارٽي قومي اسيمبلي مان استعيفيٰ نه ڏيڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي آهي ۽ چيو ته اسان کي اسيمبلي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته قومي اسيمبلي ۾ ميمبر ڊگهيون ڊگهيون تقريرون ڪندا، تقريرون ڊگهيون ڪيون وينديون جيئن ووٽنگ نه ٿي سگهي. ذريعن موجب اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان ڳالهائيندي چيو ته سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ ڌمڪي واري خط تي ڳالهه نه ڪئي. سپريم ڪورٽ هارس ٽريڊنگ تي به ڪجهه نه چيو، کين شيرواني سولائي سان پائڻ نه ڏينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button