
اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي امڪاني ڀڃڪڙِي جي مقابلي لاءِ گڏيل اپوزيشن جوابي حڪمت عملي تيار ڪري ورتي. اپوزيشن جي گڏيل پارلياماني پارٽي جو اجلاس اڄ صبح 9 وڳي گهرايو ويو آهي. ذريعن مطابق گڏيل اپوزيشن قانوني ٽيم سان صلاح مشورا ڪيا ۽ حڪمت عملي تيار ڪئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اپوزيشن قومي اسيمبلي جي سيڪريٽري، ايڊيشنل سيڪريٽري آفيسرن ۽ عملي کي خبردار ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن ٻڌايو ته گڏيل اپوزيشن پاران قومي اسيمبلي جي سيڪريٽري ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري کي چيو ويو ته آئين ۽ عدالت جي فيصلي جو احترام ڪريو، قومي اسيمبلي جي عملدارن کي چيو ويو ته عدالتي فيصلي ۾ رنڊڪ وجهندڙ آئين ۽ قانون جا ڏوهي هوندا. ذريعن موجب قومي اسيمبلي جي عملدارن کي خبردار ڪيو ويو ته عدالتي حڪم مطابق عمل ڪريو، اڄ قومي اسيمبلي اجلاس ۾ جيڪڏهن گڙٻڙ ٿي ته اها توهين عدالت ٿيندي. ٻئي پاسي اپوزيشن جي گڏيل پارلياماني پارٽي جو اجلاس اڄ ڇنڇر جيصبح 9 وڳي گهرايو ويو آهي. شهباز شريف، آصف زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، اختر مينگل ۽ ٻيا شريڪ ٿيندا. اجلاس ۾ بي اعتمادي رٿ بابت صلاح مشورا ڪيا ويندا. اجلاس ۾ ميمبرن کي نئين قائد ايوان جي چونڊ جو طور طريقو به ٻڌايو ويندو. پارلياماني پارٽي جي اجلاس لاءِ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ کي 210 سيٽون لڳائڻ جي درخواست ڏني وئي آهي.