
اسلام آباد؛ملڪ جي نئين وزيراعظم جي چونڊ لاءِ نوازليگ جو صدر ۽ اپوزيشن جو گڏيل اميدوار شهباز شريف ۽ تحريڪ انصاف جو اڳواڻ ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ميدان تي اچي ويا. اڄ وزيراعظم شپ جي چونڊ ٿيندي. ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري پي ٽي آءِ جا اعتراض رد ڪندي شهباز شريف جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪري ڇڏيا آھن. ڇنڊڇاڻ بعد شاهه محمود قريشي جا به ڪاغذ منظور ڪيا ويا. اپوزيشن شاهه محمود قريشي جي ڪاغذن تي اعتراض نه واريا هئا. ان ڏس ۾ عمران خان کي بي اعتمادي رٿ ذريعي هٽائڻ بعد نئين وزيراعظم جي چونڊ لاءِ شهباز شريف ۽ شاهه محمود قريشي اڄ اسيمبلي اجلاس ۾ آمهون سامهون ٿيندا. قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ ٻنپهرن جو 2 وڳي شيڊول آهي. شهباز شريف کي گڏيل اپوزيشن وزيراعظم جي عهدي لاءِ نامزد ڪيو آهي. ان جا نامزدگي ڪاغذ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ اپوزيشن وفد جمع ڪرايا. وفد ۾ شاهد خاقان عباسي، احسن اقبال، نويد قمر، خواجا سعد رفيق شامل هئا. پيپلز پارٽي اڳواڻ نويد قمر چيو ته وزيراعظم لاءِ شهبازشريف جا نامينيشن فارم جمع ڪرايا، گڏيل اپوزيشن جي اميدوار شهبازشريف گڏيل اپوزيشن اڳواڻن سان گڏ پاڻ نامينيشن فارم جمع ڪرايا. شهبازشريف جا 13 نامينيشن فارم جمع ڪرايا ويا آهن، جنهن ۾ خواجا آصف ۽ راڻا تنوير ان جا تائيد ڪندڙ ۽ تصديق ڪندڙ آهي. جڏهن ته تحريڪ انصاف طرفان مليڪه بخاري اسيمبلي سيڪريٽريٽ مان نئين وزيراعظم جي چونڊ لاءِ نامزدگي ڪاغذ حاصل ڪيا. عامر ڊوگر ۽ علي محمد خان انهن جي تائيد ۽ تصديق ڪندڙ آهي. وزيراعظم جي اميدوار جو فيصلو پارٽي قيادت جي ڪور ڪميٽي اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾وڏن وزيرن، پنجاب جي گورنر، گورنر خيبرپختونخوا ۽ سينئر پارٽي قيادت شرڪت ڪئي. ان کان اڳ پي ٽي آءِ جي وڪيل بابر اعواڻ شهباز شريف جي نامزدگي ڪاغذن تي آئيني اعتراض اٿاريا، سندس چوڻ هو ته شهباز شريف تي ڪيس داخل آهن، آرٽيڪل 233 نامزدگي ڪاغذ منظور يا رد ڪرڻ جا 3 هنڌن تي اختيار ڏئي ٿو. بابر اعواڻ مطالبو ڪيو ته شهباز شريف جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا وڃن، شهباز شريف خلاف مالي ڪرپشن جي چارجز آهي، دنيا جو پهريون وزيراعظم هوندو، جيڪو 10 مهينن کان ضمانت تي آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽري چيو ته چارجز اسان کي ڏئي ڇڏيو، باقي سياسي تقرير نه ڪريو، وقتي اسپيڪر اعتراضن جي شنوائي جو اختيار ڏنو آهي. واضح رهي ته عمران خان کي اپوزيشن طرفان جمع ڪرايل عدم اعتماد واري رٿ تحت سپريم ڪورٽ جي حڪم تي گهرايل قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ 174 ووٽن جي ليڊ سان هٽايو ويو هو، جنهن بعد وزيراعظم جو عهدو خالي ٿي ويو.