پاڪستانسنڌ

مٺي ۾ 20 گهرن کي باهه، ڏاج سميت لکن جو سامان رک

مٺي: مٺي تعلقي جي ڳوٺ ڏونٺار ۾ اوچتو باهه لڳڻ سبب 15 کان به وڌيڪ گهر ۽ گهرن ۾ پيل اناج ۽ ڏاج سميت لکين رپين جو سامان سڙي خاڪ بڻجي ويو. جڏهن ته چوپايو مال پڻ سڙي مري وڃڻ جا اطلاع آھن. ڳوٺ جي هڪ گهر کي اوچتو لڳل باهه تيزي سان بجير برادري جي سڄي پاڙي کي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو، وقت سر فائر برگيڊ نه پهچڻ ۽ ڳوٺ ۾ گهربل پاڻي نه هجڻ ڪري باھه تي ڪيترائي ڪلاڪ ضابطو آڻڻ مشڪل بڻيل رهيو. ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه وسائڻ جو ڪوششون ڪيون، پر باھه 15 کان وڌيڪ ڳوٺاڻن جا 20 ڪچا گهر ساڙي ڇڏيا. باهه سبب گهرن ۾ پيل اناج ۽ نياڻين جي ڏاج سميت لکين رپين جو قيمتي سامان سڙي ويو. متاثر ڳوٺاڻن ۾ شريف بجير، ميوو بجير، ويسو بجير، عباس بجير، ممتاز بجير، طاهر بجير، قاسم بجير، اڪبر بجير ۽ ٻيا شامل آھن. گهر سڙڻ بعد متاثر سخت گرمي ۾ عورتن ۽ ٻارن سان گڏ کليل آسمان هيٺ ويٺل آھن، جن جي چونڊيل نمائندن توڙي ضلعي انتظاميا واهر ناهي ڪئي. هنن اعلى اختيارين کان گهر ڪئي ته اسان جي مالي مدد ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button