
اسلام آباد ؛ ڪابينا ڊويزن اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ ان جي 52 رڪني ڪابينا کي ڊي نوٽيفاءِ ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. نوٽيفڪيشن پارلياماني معاملن واري وزارت ۽ قانون واري وزارت سان صلاح مشوري کان پوءِ جاري ڪيو ويو آهي. ڪابينا ڊويزن عمران خان کي وزيراعظم جي عهدي تي ڊي نوٽيفاءِ ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان کان سواءِ 52 رڪني ڪابينا کي به ڊي نوٽيفاءِ ڪيو ويو آهي. ڊي نوٽيفاءِ ٿيندڙ وزيرن جو انگ 25 آهي ۽ فارغ ٿيندڙن ۾ 4 مملڪتي وزير ۽ 4 صلاحڪار به شامل آهن. اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جا 19 خاص مددگار به فارغ ٿي ويا آهن.