
اسلام ڪوٽ: اسلام ڪوٽ تعلقي ۽ ضلعي جي تعليم کاتي جي لاپرواهي سبب مختلف يوسيز جي ڪيترن ئي اسڪولن ۾ استادن جي کوٽ هجڻ باوجود جايون ناهن ڀريون ويون، پي ايس ٽي ٽيسٽ ۾ پاس ٿيل سوين اميدوار نوڪريون ملڻ کان رهجي ويا آهن. ان سلسلي ۾ گذريل ڏينهن تعلقي جي مختلف يونين ڪائونسلن سينگارو، ڪيهڙي ۽ گريانڇو جي پي ايس ٽي ٽيسٽ پاس اميدوارن توڙي مختلف سياسي سماجي اڳواڻ وريام لنجو، مظهر لنجو، سريش ڪمار، موٽومل ديدار لنجو، دريا خان لنجو، ذڪالله هاليپوٽو، واعظ لنجو، مٺن سميجو، يامين سومرو، پارو مل، معشوق علي، عاشق علي ۽ کينئراج ڀيل جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. هنن دانهيندي چيو ته اسان جي يوسيز جي مختلف ڳوٺن ۾ موجود اسڪولن ۾ سوين جايون خالي پيل آهن، پر تعليم کاتي ٿرپارڪر ۽ تعلقي اسلام ڪوٽ جي ٽي اي او جي نااهلي ۽ لاپرواهي سبب خالي جايون ڀرجي ناهن سگهيون، پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي ٽيسٽ ۾ پاس ٿيڻ باوجود سوين اميدوار نوڪرين کان رهجي ويا آهن. آفيسرن سستي جو مظاهرو ڪندي پنهنجي فرض ۾ ڪوتائي ڪئي، جنهن سبب ڪيترائي اميدوار نوڪرين کان محروم ٿي ويا، هزارين معصوم ٻار تعليم جهڙي زيور کان به محروم ٿي ويا. هنن صوبائي وزير سردار شاھه کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي يوسيز ۾ نئين سر لسٽون جوڙي پاس ٿيل اميدوارن کي نوڪرين جا آرڊر ڏنا وڃن.