پاڪستانسنڌ

لنڊو شاخ ۾ پاڻي جي کوٽ، آبادگارن جا مظاهرا

مقصودو رند : لنڊو شاخ ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن محراب زرداري، حاڪم علي زرداري، ذوالفقار نمبردار، شفيق نمبردار ۽ علي گل زرداري جي اڳواڻي ۾ ٻن الڳ الڳ جڳھن لنڊو شاخ ۽ نوابشاھه-شھدادپور روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ۽ نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي آبادگارن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته لنڊو شاخ ۾ گذريل ٻن مھينن کان پاڻي جي شديد کوٽ آهي، جنھن جو ذميوار راشي ايس ڊي او شاھد ميمڻ آھي، جيڪو اسان جي شاخ جو پاڻي بند ڪيو ويٺو آهي، جڏھن ته انگريزن اھو قانون ڪڍيو ھو ته سکر بئراج ۾ پاڻي ھوندو ته لنڊو شاخ ۾ به پاڻي ھوندو، پاڻي جي کوٽ سبب وونئڻن جي فصل جي ڪاھي سخت متاثر ٿي رهي آھي ۽ اسان جون زمينون کيڙيون پيون آهن، پر پاڻي ناھي جو اسان فصل ڪاھي سگھون، جنھن سبب اسان جون زمينون بنجر بنجي ويون آهن، جڏھن ته جر جو پاڻي کارو آھي ۽ اسان جو چوپايو مال اڃ وگھي مري رھيو آھي، جنھڪري اسان کي لکين رپين جو مالي معاشي نقصان ٿي رھيو آھي، بالا آفيسرن کان پاڻي جو پڇون ٿا ته چون ٿا اسان جي وس ۾ ناهي. ھنن وڏي وزير ۽ آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير کي اپيل ڪئي ته اسان جي شاخ ۾ پاڻي فراھم ڪيو وڃي ۽ ڪرپٽ ايس ڊي او شاھد ميمڻ کي هٽايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button