پاڪستانسنڌ

پارليامينٽ عمران کي آئوٽ ڪري ڇڏيو:پاشا قاضي

حيدرآباد: حيدرآباد ۾ پ پ پي ايس 66 جي صدر پاشا قاضي چيو آهي ته نيازي سرڪار جي حڪم تي اسپيڪر عدم اعتماد رٿ تي وقت سر ووٽنگ نه ڪرائي آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، سپريم ڪورٽ جي حڪم باوجود اسپيڪر ووٽنگ ڪرائڻ بدران اسيمبلي ۾ حڪومتي ڌر جي نمائندن کان تقريرون ڪرائي وقت ضايع ڪيو، جنهن تي اسپيڪر خلاف آئين مطابق ڪارروائي ڪئي وڃي. جاري ڪيل بيان مطابق پاشا قاضي وڌيڪ چيو ته آصف زرداري جي قيادت ۾ اپوزيشن صبر جو مظاهرو ڪيو، جيڪڏهن اپوزيشن عدم اعتماد مزاحمت ڪري ها ته ملڪ ۾ خانه جنگي شروع ٿي وڃي ها ۽ عوام کي نقصان پهچي ها. اسپيڪر اسد قيصر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري ملڪ بدران عمران کي ترجيح ڏيندي استعيفى ڏني، اهو عمل آئين سان غداري ۽ سپريم ڪورٽ جي حڪم جي توهين آهي. پارليامينٽ عمران کي آئوٽ ڪري ڇڏيو آهي، بلاول ۽ آصف جي ڪري اڄ جمهوريت جو سج روشن ٿيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button