
اسلام آباد :قومي اسيمبلي مان استعيفيٰ ڏيڻ جي معاملي تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي پارلياماني پارٽي ۾ اختلاف سامهون اچي ويا آهن. آخري اختيار عمران خان جي حوالي ڪيا ويا آهن. ان ڏس ۾ ڪالهه تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي صدارت هيٺ پارٽي جي ڪور ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجودا سياسي صورتحال کي ڏسندي اڳتي جي سياسي حڪمت عملي تي غور ڪيو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيميبلين مان استعيفيٰ ڏيڻ جي معاملي پي ٽي آءِ پارلياماني پارٽي ۾ اختلاف سامهون اچي ويا آهن. ذريعن موجب ميمبرن جو وڏو انگ اسيمبلي مان مستعفي ٿيڻ جي حق ۾ ناهي پر شيخ رشيد ۽ فواد چوڌري پارٽي کي سياسي منظرنامي تان آئوٽ ڪرڻ لاءِ متحرڪ آهن. ميمبرن جي راءِ آهي ته مستعفي ٿي وياسين ته نئين حڪومت کي اهم مقررين ۽ قانونسازي تي کلي کيڏڻ جو موقعو ملندو. ميمبرن جو موقف آهي ته جيڪڏهن ائين ٿيو ته پي ٽي آءِ کي سياسي پارٽي طور ازالي نه ٿيڻ جوڳو نقصان رسندو. جڏهن ته استعيفائن جي معاملي جو آخري اختيار عمران خان کي ڏنو ويو آهي. اڪثر ميمبرن جو چوڻ هو ته استعيفائون ڏيڻ سياسي آپگهات ڪرڻ جي برابر آهي. اپوزيشن ۾ رهي جمهوري نظام جو حصو ٿيڻ گهرجي. ڪجهه ميمبرن فوري استعيفائن جي ڳالهه ڪئي. پي ٽي آ اڳواڻ فيصل واوڊا موجب استعيفائن جي معاملي جو آخري اختيار عمران خان کي ڏنو ويو آهي. هوڏانهن اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي شيخ رشيد ۽ فواد چوڌري چيو ته اسان سڀ قومي اسيمبلي تان استعيفيٰ ڏئي رهيا آهيون، چورن سان گڏ نٿا ويهي سگهون، شهباز شريف سان گڏ شريڪ نٿا ٿي سگهون. اجلاس ۾ ڪور ڪميٽي ميمبرن، پنجاب ۽ خيبر پختونخوا جي وڏن وزيرن، گورنرن ۽ پارٽي جي سينيئر قيادت شرڪت ڪئي. ذريعن موجب اجلاس ۾ ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ تحريڪ انصاف جي اپوزيشن پارٽي طور حڪمت عملي طئي ڪئي وئي ۽ ڪميٽي فيصلو ڪيو ته تحريڪ انصاف اثرائتي اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪندي. ڪور ڪميٽي جي اجلاس ۾ سڄي ملڪ ۾ پرامن احتجاج بابت تيارين جو جائزو به ورتو ويو ۽ اڄ کان شروع ٿيندڙ عوامي رابطا مهم تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته تحريڪ انصاف اڱاري ڏينهن پشاور ۾ وڏو جلسو ڪندي ۽ ان جلسي سان عمران خان عوامي رابطا مهم جي شروعات ڪندو. اجلاس ۾ پارٽي جي نئين تنظيم سازي جلد مڪمل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ ڪور ڪميٽي چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ ٽڪيٽن جي ورهاست لاءِ پارلياماني بورڊ کي متحرڪ ڪيو وڃي. ٻئي طرف ٻئي طرف اڳوڻي وزيراعظم عمران خان اقتدار جي تبديلي کانپوءِ آزادي جي جدوجهد جو اعلان ڪري ڇڏيو. تحريڪ انصاف چيئرمين ٽوئيٽر تي هڪ پيغام جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ هن لکيو ته پاڪستان 1947 ۾ هڪ آزاد رياست بڻيو پر اڄ آزادي جي جدوجهد ٻيهر شروع ٿي رهي آهي، اقتدار جي تبديلي جي پرڏيهي سازش خلاف. هن چيو ته سدائين هڪ ملڪ جو عوام هوندو آهي، جيڪو ان جي سلامتي ۽ جمهوريت جو بچاءُ ڪندو آهي.