پاڪستانسنڌ

“پگهارون ڏيو” مانجهند ۾ ايڊمنسٽريٽر جو علامتي جنازو پڙهي احتجاج

سن: مانجهند ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جو پگهارون نه ملڻ خلاف 7 ڏينهن تي به ايڊمنسٽريٽر جو پتلي ٺاهي علامتي جنازي نماز پڙھي انوکو احتجاج ڪيو ويو. ايس يو پي اڳواڻ محمد عمر ابڙو، قبول ڳنڀير، نواز ليگ لياقت علي ملاح، حاجي سليم ميمڻ، ڪامريڊ حسن برهماڻي ۽ ٻين پهچي يڪجهتي جو اظھار ڪيو. ان موقعي تي ملازمن نظر علي خاصخيلي، دريا خان برهماڻي، انور خاصخيلي، گل محمد ورياڻي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ايڊمنسٽريٽر بناجواز 6 مهينن کان پگهارون بند ڪري ڇڏيون آهن، جنهن سبب فاڪاڪشي تي مجبور آھيون. ٻئي طرف ڪم ڇڏ هڙتال سبب شهر ۾ گندگي جا ڍير ٿي ويا آهن. هنن چتا ڏيندي چيو ته جيڪڏهن پگهارون جاري نه ڪيون ويون ٽه شٽربند هڙتال ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button