پاڪستانسنڌ

ڄامشورو ۾ ماسڪ پاتل هٿياربند نوجوان کي کنڀي ويا

ڄامشورو (ن، سنڌ ايڪسپريس) ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس اڳيان گوشت جي دڪان تان ويگو گاڏي ۾ سوار ماسڪ پاتل هٿياربند واپاري اڳواڻ عبدالستار پنھور جي نوجوان پٽ وقار عرف وڪي کي وحشياڻو تشدد ڪري کنڀي کڻي ويا، جڏهن ته نوجوان جي دانهن باوجود شهري بچائي نه سگهيا. ان حوالي سان کنڀجي ويل نوجوان جي پي واپاري عبدالستار پنھور ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب پھچي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته شھر ۾ ڪافي سالن کان ڪڪڙين جو واپار ڪندو آھيان، امن پسند ماڻھو آھيون، اسان جو ڪنھن به سياسي يا قومپرست تنظيم سان واسطو ناھي، منهنجي پٽ کي گوشت جو دڪان کولڻ دوران ويگو ۾ سوار هٿياربند وحشياڻو تشدد ڪرڻ بعد کنڀي ويا آهن، جنهن بعد گهرڀاتي پريشان آهن، جڏهن ته پوليس به نوجوان جي بازيابي لا ڪوبه قدم نه کنيو آهي. ھن آ جي سنڌ، ڊي آ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي ڄامشورو کان پٽ جي آزادي جي گهر ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button