پاڪستانسنڌ

اسلام ڪوٽ ۾ اسڪول ويل معصوم شاگرد گم

اسلام ڪوٽ: اسلام ڪوٽ شهر جي نجار پاڙي جو رهواسي پنجين ڪلاس جو شاگرد سنجئه ولد علومل ميگهواڙ گذريل ڏينهن گم ٿي ويو، جنهن سبب وارث پريشان آهن. وارثن موجب ٻارڙو گذريل ڏينهن صبح جو نجار ڪالوني اسڪول ويو هو، جتان وري واپس ناهي آيو، اسان ڪافي پڇا ڪئي، پر ڪٿان به ڏس پتو ناهي مليو. وارثن اختيارين کان گهر ڪئي ته اسان جي معصوم شاگرد جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button