اسلام آباد : قومي اسيمبلي جي وقتي اسپيڪر قاسم خان سوري پي ٽي آءِ ميمبرن جون استعيفائون منظور ڪري ورتيون آهن. ڪالهه قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري وقتي اسپيڪر جي عهدي جا اختيار استعمال ڪري پي ٽي آءِ جي 123 ميمبرن جون استعيفائون منظور ڪري ورتيون. قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري قائم مقام اسپيڪر طور پي ٽي آءِ جي 123 ميمبرن جون استعيفائون منظور ڪيون. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ قاسم سوري چيو آهي ته قائم مقام قومي اسيمبلي اسپيڪر طور مون کي وصول ٿيندڙ تحريڪ انصاف جي 123 ميمبرن جون استعيفائون رولز ۽ ضابطي تحت منظور ڪيون ويون آهن. واضح رهي ته عمران خان خلاف بي اعتمادي رٿ جي ڪاميابي کانپوءِ تحريڪ انصاف قومي اسيمبلي تان استعيفيٰ جو اعلان ڪيو هو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close