
اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ بجلي جي لوڊشيڊنگ تي اجلاس ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف سامهون اچي ويا. اجلاس ۾ توانائي ڊويزن وزيراعظم کي بريفنگ دوران اڳوڻي حڪومت جي نااهلي جي چارج شيٽ پيش ڪري ڇڏي. ذرين موجب اجلاس ۾ انڪشاف ٿيو ته ملڪ ۾ بجلي جي کوٽ ناهي پر ٻارڻ نه هجڻ ۽ فني خرابين سبب ڪارخانا بند پيا آهن. ملڪ ۾ 18 پاور پلانٽن جا مختلف غير فعال يونٽ فني نقصن سبب هڪ سال کان بند آهن، 18 پاور پلانٽن ۾ بيلٽ ٽٽڻ، تارون خراب هجڻ جهڙا مسئلا سامهون آيا، ڪيترائي پاور پلانٽ ٻارڻ نه هجڻ سبب بند آهن. بندش جو شڪار 18 پاور پلانٽن ۾ پورٽ قاسم، گدو، مظفر ڳڙهه KAPCO، ڄامشورو ۽ ٻيا شامل آهن، جيڪا 5 هزار 751 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪري سگهن ٿا.اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اڳوڻي حڪومت ۾ بجلي گهرن جون فني خرابيون ختم ڪرڻ، وقت تي مرمت ۽ پرزن جي تبديلي تي ڌيان نه ڏنو ويو، گهڻي ڀاڱي انتظامي نوعيت جون ۽ ڪجهه جو واسطو پاليسي فيصلن سان آهي. ٻارڻ نه هجڻ سبب بند پاور پلانٽن ۾ نندي پور، ساهيوال ڪول جهڙا سستي بجلي ٺاهڻ وارا ڪارخانا شامل آهن، 9 پاور پلانٽ ڊسمبر 2021 کان بلن جي عدم ادائيگي ۽ ٻارڻ خريدڻ جا پئسا نه هجڻ سبب بند پيا آهن، جيڪي مجموعي طور تي 3 هزار 535 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا. وزيراعظم شهباز شريف صورتحال تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي نقص ۽ خرابيون فوري طور ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته عوام لوڊشيڊنگ جي عذاب ۾ ورتل آهي، خدارا احساس ڪيو، اهڙي غفلت برداشت جوڳي ناهي، تڪڙا قدم کنيا وڃن. ذريعن موجب آفيسرن انڪشاف ڪيو ته نيب جي خوف سبب ڪجهه نٿا ڪري سگهون.