اسلام آبادپاڪستان

وزيراعظم شهباز شريف،آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو وچ ملاقات

اسلام آباد :وزيراعظم شهباز شريف سان آصف علي زراري ۽ بلاول ڀٽو زرداري گذريل ڏينهن هتي اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري ڪيل بيان مطابق ملاقات ۾ آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم کي وزارت اعظمي جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪ ڏني. وزيراعظم آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو جو حڪومت جي جوڙجڪ ۾ تعاون جو شڪريو ادا ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي مسئلن جي حل لاءِ خدا کان دعاگو آهيون. هن چيو ته مشاورت ۽ گڏيل تعاون سان پاڪستان جي ترقي لاءِ ڪم ڪرڻ اسان جو پهريون مقصد آهي. وزيراعظم شهبازشريف صدر آصف علي زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو حڪومت جي جوڙجڪ ۾ تعاون ڪرڻ تي ٿورو مڃيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button