
پشاور بي آر ٽي منصوبي جي آڊٽ رپورٽ ۾ 4 ارب 72 ڪروڙ رپين جي بيقاعدگين جو انڪشاف ڪيو ويو آهي، آڊٽ رپورٽ موجب سرڪاري آفيسرن کي الائونس جي مد ۾ 2 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ غيرقانوني ادائيگيون ڪيون ويون. رپورٽ ۾ گاڏين ۽ پئٽرول جي مد ۾ به بي قاعدگين جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته آڊيٽرز جي نشاندهي تي هڪ ارب 47 ڪروڙ 80 لک رپين جي وصولي به ڪئي وئي آهي.