پاڪستانسنڌ

بلدياتي اليڪشن ۾ مخالفن جون ضمانتون رد ٿينديون:مخدوم ميون

مسڻ وڏي: اڳوڻي ضلعي ڪائونسل ٽنڊوالهيار جي چيئرمين پ پ اڳواڻ مخدوم ميون علي محمد ولهاري چيو آهي ته اليڪشن کي اليڪشن ڪري وڙهڻ گهرجي، اليڪشن ۾ ۽ اليڪشن بعد تمام برادرين کي عزت ۽ احترام سان پيش اچڻ گهرجي، هڪٻئي سان محبت سان رهڻ گهرجي. مون سميت ولهاري خاندان هميشه تڪ جي تمام برادرين تي محبت، امن ۽ ڀائيچاري سان رهڻ جو زور ڀريو آهي. پ پ يوسي مسڻ ۽ يوسي بيگن جروار جي راڄن جي چڱن مڙسن سان بلدياتي اليڪشن جي حوالي سان گڏجاڻي ڪندي هن وڌيڪ چيو ته اسان هميشه راڄن جي چڱن مڙسن جي صلاح مشوري سان بلدياتي اليڪشن ۾ اميدوار نامزد ڪري ميدان تي آندا آهن، جنهن ڪري اسان کي ڪاميابي نصيب ٿيندي آهي ۽ هن بلدياتي اليڪشن ۾ اسان جا نامزد ڪيل اميدوار وڏي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪندا ۽ مخالفن جون ضمانتون ضبط ٿي وينديون. گڏجاڻي ۾ اڳوڻي ناظم بابو نور محمد لغاري، پ پ يوسي مسڻ جي اڳوڻي چيئرمين حاجي محمد صديق سميجو، اڳوڻي وائيس چيئرمين علي نواز لغاري، اڳوڻي ڪائونسلر عبدالرحيم ڏگو، اڳوڻي ڪائونسلر دلدار خاصخيلي، اڳوڻي ڪائونسلر چيتن ڀيل، يوسي بيگن جروار جي اڳوڻي چيئرمين حاجي عبدالحفيظ جروار، اڳوڻي وائيس چيئرمين نور احمد ٿيٻو، اڳوڻي ڪائونسلر عبدالرزاق جروار، چڱن مڙسن ھاشم خان جروار، ڌڻي بخش ملاح، حاجي محمد قاسم جروار، محمد اسلام ميئو راجپوت، حاجي نور حسن ميئو راجپوت، عالم خان لغاري، پ پ اڳواڻ عبدالغفار ملڪ، غلام قادر لغاري، محمد بجل خاصخيلي، محبوب علي مڱريو، ممتاز علي مڱريو، ملوڪ ٿيٻو، نور حسن ٿيٻو، حاجي خان جروار، عبدالمجيد جروار ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button