اسلام آبادپاڪستانپنجاب

نواز شريف کي نئون پاسپورٽ جاري، ڪنهن به وقت وطن واپسي جو امڪان

اسلام آباد: اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي پاسپورٽ جاري ٿي ويو. پاڪستان جي گهرو وزارت ن ليگ جي قائد نواز شريف کي پاسپورٽ 23 اپريل تي جاري ڪيو ۽ ان جو مدو 10 سال آهي. ذريعن موجب نواز شريف هاڻ ڪنهن به وقت پاڪستان لاءِ روانو ٿي سگهي ٿو. واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ وفاقي حڪومت پاسپورٽ جي تجديد جي هدايت ڪئي هئي. نواز شريف ۽ اسحاق ڊار جا پاسپورٽ مدي خارج ٿي ويا آهن ۽ پي ٽي آءِ حڪومت پاسپورٽ جي تجديد جو عمل روڪي ڇڏيو هو. ٻڌايو پيو وڃي ته ميان نواز شريف کي سفارتي پاسپورٽ جاري ڪرڻ بدران عام پاسپورٽ جاري ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button