پاڪستانسنڌ

گولاڙچي ۾لڳل بچت بازار ۾ چئن ڏينهن کان اسٽال نه لڳو، احتجاج

گولاڙچي: رمضان شريف جي ڀلاري مهيني ۾ ڊي سي بدين جي حڪم تي گولاڙچي شهر ۾ لڳل بچت بازار ۾ چئن ڏينهن کان ھڪ به اسٽال لڳي ناھي سگھيو، شھري صبح ۽ شام بچت بازار جا چڪر لڳائي خالي موٽي وڃن ٿا، گولاڙچي شهر جي مين روڊ تي گولاڙچي ٽائون ڪاميٽي جي تعاون سان لڳايل بچت بازار ۾ چئن ڏينهن کان خالي تنبو هنيا ويا آهن.

شھرين اعجاز شاھه، عدنان فاروق مهر، امان الله ميمڻ، جاويد جتوئي، امام ڏنو انصاري ۽ ٻين احتجاج ڪندي ٻڌايو ته گولاڙچي تعلقي انتظاميا ۽ ٽائون ڪاميٽي گولاڙچي واسين سان مذاق ڪري خالي تنبو هڻي ڇڏيا آهن، جتي گڏھه گاڏيون ۽ رڪشا بيٺل ھوندا آھن، شھرين چيو ته گولاڙچي تعلقي انتظاميا توڙي ٽائون ڪاميٽي گولاڙچي جي وس ۾ بچت بازار لڳائڻ ناھي ته ڀلاري مهيني ۾ماڻهن سان مذاق نه ڪيو وڃي، هنن گھر ڪئي ته گولاڙچي شهر ۾ بچت بازار ۾ اسٽال لڳائي سامان مھيا ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button