پاڪستانسنڌ

نندو پوليس جي ڪارروائي، نينگر گرفتار، وارثن جو احتجاجي ڌرڻو

نندو: نندو پوليس پاران دڪان تي ڇاپو هڻي نينگر کي گرفتار ڪرڻ خلاف وارثن ٿرڪول روڊ تي ٽائرن کي باهه ڏيئي ڌرڻو هڻي احتجاج ڪيو، ٿر ۽ بدين کان ايندڙ ويندڙ گاڏيون روڊ بلاڪ سبب بيهي رهيون، نندو پوليس پاران منشيات هٿ اچڻ جي دعوى ڪندي نينگر مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو، خبر موجب نندو پوليس نندو لڳ ڳوٺ رئيس يار محمد ڀرڳڙي ۾ ريزڪي دڪان تي ڇاپو هڻي دڪان تي ويٺل نينگر سڄڻ عرف نانا بجير کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي کڻي ويئي.

پوليس جي اهڙي رويي خلاف گرفتار نينگر سڄڻ بجير جي وارثن احتجاج ڪندي ٿرڪول روڊ تي ٽائر ساڙي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن سبب بدين ۽ ٿرپارڪر کان ايندڙ گاڏيون بيهي رهيون، مسلسل ٻن ڪلاڪ جي ڌرڻي بعد ڊي ايس پي بدين مختلف ٿاڻن جي نفري ساڻ ڌرڻي ۾ پهچي ڳوٺاڻن سان ڳالهيون ڪري انصاف جي خاطري ڏياري ڌرڻو ختم ڪرايو. هوڏانهن ايس ايڇ او نندو پيارو خان عمراڻي رابطي تي ٻڌايو ته خفيه اطلاع تي سڄڻ بجير جو پيڇو ڪيو ۽ کيس 4 پاڪيٽ سفينا هٿ ڪري منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button