پاڪستانسنڌ

جاتي ۾ چانهن کپائيندڙ پوليس جون ڊوڙون لڳائي ڇڏيون

جاتي: جاتي ٿاڻي جو ايس ايڇ او آفتاب احمد ميمڻ شھر ۾ اسنيپ چيڪنگ ڪري رهيو هو ته ھڪ ٻٽ ٻڌل شخص کي پوليس بيھڻ جو چيو، جيڪو بيھڻ بدران فرار ٿيڻ لڳو، پوليس فرار ٿيندڙ شخص جو پيڇو ڪيو ته همراهه بگل ۾ لڪايل شي شھر جي ڊاڪٽر گلي ۾ واقع نجي اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿيو، پوليس ٻيھر سندس پيڇو ڪري بيھڻ جو چيو ۽ کيس ڊوڙائي ڊوڙائي پسٽل جا ھوائي فائر ڪري مھاجر پاڙي جي گھٽي مان گرفتار ڪري ٿاڻي تي آندو. جڏھن ته موقعي تي صحافين جي ٽيم جاتي ٿاڻي تي پھچي ويئي، جاچ دوران گرفتار ٿيل شخص جاتي شھر جي وارڊ نمبر 1 اسپتال پاڙي جو رھواسي پورھيت نذير احمد شيدي نڪتو.

جنھن چيو ته مون وٽ چانھن جو ٿرماس ھو ۽ مٿان ڪپڙو رکي اسپتالن ۾ چانھن وڪڻي ٻچن جو گذر ڪندو آھيان، هن چيو ته پوليس گرفتار ڪري جيل ۾ بند ڪندي جنهن خوف وچان ڀڳو هيس، ھوڏانھن نجي اسپتال ۾ لڪايل سامان کي پوليس هٿ ڪيو ته چانھن سان ڀريل ٿرماس نڪتو. ان موقعي تي ايس ايڇ او جاتي آفتاب احمد ميمڻ صحافين کي ٻڌايو ته مون پورهيت کي چيو ته بيھه پر هو بيھڻ بدران ڀڄڻ لڳو ۽ سامان لڪائي فرار ٿيڻ لڳو، اسان کي شڪ ٿيو ته ڪچو شراب يا ڪا ٻي منشيات اٿس جو فرار ٿيڻ لڳو آهي، جنھن بعد ايس ايڇ او آفتاب احمد ميمڻ پورھيت نذير احمد ملاح کي 500 روڪ ڏئي آزاد ڪري ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button