پاڪستانسنڌ

دعا زهريٰ کي مرضي مطابق زندگي گذارڻ جي اجازت

لاهور: عدالت دعا زهريٰ کي پنهنجي مرضي موجب فيصلو ڪرڻ جو اختيار ڏئي ڇڏيو. پوليس دعا زهريٰ ۽ سندس مڙس ظهير احمد کي سخت سيڪيورٽي ۾ ماڊل ٽائون ڪورٽ ۾ پيش ڪيو، جتي دعا زهرا جڊيشل مئجسٽريٽ تصوير اقبال جي عدالت ۾ پنهنجو بيان قلمبند ڪرايو. دعا زهرا جي بيان کان اڳ مڙس ظهير کي عدالتي ڪمري کان ٻاهر وڃڻ جو چيو ويو، جنهن کانپوءِ دعا پنهنجو بيان عدالت ۾ قلمبند ڪرايو. دعا زهرا جڊيشل مئجسٽريٽ جي اڳيان پنهنجي بيان ۾ چيو ته مان 18ورهين جي آهيان ۽ ڪراچي کان لاهور پنهنجي مرضي سان آيس، مون کي ڪنهن اغوا ناهي ڪيو ۽ مان دارلامان نٿي وڃڻ چاهيان. دعا زهرا موقف اختيار ڪيو ته مان محفوظ آهيان ۽ منهنجي جان کي ڪو خطرو ناهي. ان دوران پوليس ڇوڪري کي دارالامان موڪلڻ جي استدعا ڪئي، جنهن کي عدالت رد ڪري ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button