اسلام آبادپاڪستان

عيدالفطر تي 2 کان 5 مئي تائين 4 ڏينهن موڪل جو اعلان

اسلام آباد :وفاقي حڪومت عيدالفطر تي موڪلن تي جو اعلان ڪري ڇڏيو. عيدالفطر جي موڪلن جو اعلان وزيراعظم آفيس طرفان ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب عيدالفطر تي 2 کان 5 مئي تائين 4 ڏينهن موڪل هوندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف کي عيد تي ٽن موڪلن جي سمري موڪلي وئي هئي، جڏهن ته وزيراعظم 4 ڏينهن موڪل جي منظوري ڏني. واضح رهي ته فلڪياتي ماهرن 2 مئي تي شوال جو چنڊ نظر اچڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي، جنهن موجب عيدالفطر 3 مئي تي اڱاري ڏينهن ٿيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button