اسلام آبادپاڪستانسنڌ

سنڌ هائوس حملي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جا ٻه ايم اين اي گرفتار

اسلام آباد :سنڌ هائوس حملي ڪيس ۾ ضمانت رد ٿيڻ تي پي ٽي آءِ جي ٻن قومي اسيمبلي ميمبرن کي گرفتار ڪيو ويو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس طارق محمود جهانگير سنڌ هائوس حملي ڪيس جي شنوائي ڪئي، جنهن ۾ درخواست گذار جمال مندوخيل طرفان وڪيل راجا نذير پيش ٿيو ۽ جوابدارن جي ضمانت رد ڪرڻ جي اپيل ڪئي. جڏهن ته جوابدارن طرفان فيصل صديقي ايڊووڪيٽ پيش ٿيو، جنهن جوابدارن جي حق ۾ دليل ڏنا. عدالت دليل ٻڌڻ کانپوءِ پي ٽي آءِ ايم اين اي عطاءُ الله ۽ فهيم خان جي عبوري ضمانت رد ڪري ڇڏي. عدالت طرفان ضمانت ٿيڻ کانپوءِ پوليس پي ٽي آءِ جي ٻنهي اسيمبلي ميمبرن کي عدالتي ڪمري ٻاهران گرفتار ڪري ورتو. واضح رهي ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان خلاف بي اعتمادي رٿ پيش ٿيڻ کان اڳ پي ٽي آءِ ڪارڪنن سنڌ هائوس تي حملو ڪيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button