اسلام آبادپاڪستان

نيشنل ايڪشن پلان جو ٻيهر جائزو ورتو پيو وڃي:مريم اورنگزيب

اسلام آباد : سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته نيشنل ايڪشن پلان جو ٻيهر جائزو ورتو پيو وڃي، نيڪٽا جو اجلاس فوري گهرايو ويندو. ڪراچي واقعو افسوسناڪ آهي، چيني شهرين جي سيڪيورٽي جو نئين سر جائزو ورتو پيو وڃي. چيني شهرين کي فول پروف سيڪيورٽي ڏني ويندي. هن وقت ملڪ ۾ 500 کان 200 ميگاواٽ جو شارٽ فال آهي جنهن کي جلد ختم ڪيو ويندو. وزيراعظم جي هدايت تي لوڊشيڊنگ مڪمل طور تي ختم ڪئي ويندي، ملڪ ۾ ڊيزل جي به کوٽ نه آهي. ڊيزل جو ذخيرو ڪندڙن جي حوالي سان به صورتحال تي نظر رکيل آهي. عمران خان فارن فنڊنگ جو حساب ڏيڻ بدران اليڪشن ڪميشن کي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. چيف اليڪشن ڪمشنر کان استيعفا گهري رهيو آهي، عمران خان خالي ڪاغذ کڻي ڪيتري دير سازش جو ڪوڙو بيانيو هلائيندو، کيس شرم اچڻ گهرجي. پاڪستان جو عوام اهڙي قسم جي ڪنهن بيان تي يقين نه ڪندو. اربع تي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته ڪراچي ۾ دهشتگردي جي واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، چيني سفارتخاني کي خاطري ڪرائي آهي ته جاچ جلد مڪمل ڪري آگاهه ڪيو ويندو. هن چيو ته گهرو وزير رانا ثناءُالله ملڪ جي سمورن صوبن جو دورو ڪندو ۽ سيڪيورٽي صورتحال جو جائزو وٺندو. پهرين مرحلي ۾ هو سنڌ جو دورو ڪري رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اٽو کنڊ بجلي ۽ گئس گذريل حڪومت جي نااهلي جي ڪري مهانگي ٿي. عمران خان جي حڪومتي دور ۾ ميڊيا جي زبان بند ڪئي وئي، صحافين تي حملا ڪيا ويا. هن چيو ته عمران خان جي دور ۾ سينسر شپ نافذ ڪئي وئي، ان جي دور ۾ پاڪستان ميڊيا ڊيولپمينٽ ريگيوليٽري اٿارٽي جو تڪراري قانون لاڳو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button