اسلام آبادپاڪستان

شهبازشريف سان آصف زرداري جي ملاقات،گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق

اسلام آباد :وزيراعظم شهباز شريف سان آصف علي زرداري اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات ۾ وفاقي وزير بلاول ڀٽو زرداري بچاءُ وارو وفاقي وزير خواجا آصف ۽ ريلوي وارو وفاقي وزير خواجا سعد رفيق به شريڪ ٿيو. ملاقات ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. وزيراعظم چيو ته آئين جي بالادستي ۽ جمهوري عمل جو سلسلو ئي ملڪي ترقي جو راز آهي. ملاقات ۾ جمهوريت جي استحڪام ۽ سماجي ڀلائي ۽ ترقي کي يقيني بنائڻ لاءِ سمورين سياسي پارٽين سان گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. وزيراعظم بلاول ڀٽو زرداري کي وفاقي وزير طور حلف کڻڻ تي مبارڪ ڏني ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ته گڏيل تعاون سان جلد ملڪ آڏو چئلينجز تي جلد ڪنٽرول ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button