اسلام آبادپاڪستان

بلاول چيني شهرين جي مارجڻ تي تعزيت لا چيني سفارتخاني ويو

اسلام آباد:پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي ۾ چيني شهرين تي دهشتگردن جي حملي ۾ جاني نقصان تي چيني عملدارن سان تعزيت جي اظهار لاءِ اربع ڏينهن هتي چين جي سفارتخاني ويو. پرڏيهي آفيس جي بيان موجب ان موقعي تي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر به ساڻس گڏ هئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ چين جو رشتو نسل در نسل وفائن جو هڪ سلسلو آهي. دهشتگردن پاڪ چين دوستي جي اساس تي ضرب لڳائڻ جي هڪ ناڪام ڪوشش ڪئي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته دهشتگردن جا ناپاڪ ارادا، پاڪ چين دوستي کي سبوتاز نٿا ڪري سگهن. پرڏيهي وزير چيني سفارتخاني ۾ مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر به قلمبند ڪيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button